صحيح حاڪم

صحيح حاڪم: هن ڪتاب جو مصنف ابو عبدالله محمد بن عبدالله بن محمد المعروف به ابن البسيع آهي هي پنهنجي دؤر جو نامور فقيھ محدث ٿي گذريو آهي. هي حاڪم نيشاپوري جي نالي سان مشهور آهي، ڇو ته هي نيشاپور جي رهڻ وارو هو. هي واپاري هو. هوش سنڀالڻ کانپوءِ هن اسلامي مختلف شهرن جو سفر اختيار ڪيو، انهيءَ سفر دوران هن ٻه هزار شيخن کان حديث جي علم کي حاصل ڪيو. هن کي حاڪم انهي ڪري چيو ويندو هو. جو هي قضا جي عهدي تي مامور هو. هن جي ولادت 321هه/933ع ۾ ٿي ۽ وڏي عمر ۾ 405هه/1014ع ۾ رحلت ڪيائين. حاڪم نيشاپوري ‘صحيح حاڪم’ انهي ڪري تيار ڪيو ته جيئن هن ۾ صرف مستند سندن واريون حديثون جمع هجن، جنهن تي ڪنهن کي به شڪ شبهه نه هجي. ‘صحيح حاڪم’ کي مستندرڪ حاڪم به سڏيو وڃي ٿو. هن کان سواءِ ‘تاريخ نيشاپور’، ‘مزڪي الاخبار’، ‘ڪتاب الحدخل الي علم الصحيح’، ‘ڪتاب الاڪليل’ ۽ ‘فضائل امام شافعي’ پڻ مشهور آهي. ‘تاريخ ابن خلڪان’ ۾ ڄاڻايل آهي ته، “حاڪم نيشاپوري جون تصنيفون هڪ هزار پنج سؤ آهن. هو ٻين ڪيترن ئي علمن ۾ وڏي مهارت رکندڙ هو، پر سڀني کان وڌيڪ حديث جي علم ۾ مهارت رکندو هو.”


هن صفحي کي شيئر ڪريو